16 ہفتہ , فروری 2019

صوبائي خودمختياري برقرار رکڻ جي ضرورت آهي: جسٽس مقبول باقر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مقبول باقر آئين جي اهڙي تشريح ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن سان صوبائي خودمختياري ڪمزور ٿيڻ بدران برقرار رهي. سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ حڪومت جي 18هين ترميم جي حوالي سان داخل درخواست رد ڪندي اسپتالن کي وفاقي حڪومت جي حوالي ڪرڻ واري فيصلي سان اختلاف ڪندي هن نوٽ ۾ لکيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي ورڇ آئين جو بنيادي روح آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب جسٽس مقبول باقر وڌيڪ لکيو ته صحت ۽ سرڪاري اسپتالن جو معاملو اسان جي قانون سازي جي تاريخ ۾ صوبن وٽ مخصوص رهيو آهي هي معاملو ڪڏهن به وفاق جي بندوبست هيٺ ناهي رهيو. 1973 جي آئين جي تحت، جنهن ۾ هاڻ 18هين آئيني ترميم به شامل آهي، ۾ قانون سازي جي رڳو هڪ فهرست موجود آهي ۽ اُها آهي وفاقي قانون سازي فهرست، پر هو صوبن جي لاءِ به اهڙي طرح جي اختيارن جي ڳالهه ڪندو آهي جنهن جي ڪري صحت ۽ اسپتالن جا معاملا رڳو صوبائي وائري ڪار ۾ ايندا آهن. نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وفاقي قانون سازي ۾ ان معاملي جي حوالي سان قانون سازي جو فقدان آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 142 (سي) به پارليامينٽ کي ان قسم جي قانون سازي کان روڪيندو آهي جنهن جو ذڪر وفاقي قانون جي فهرست ۾ نه هجي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بنا شڪ وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ انٽري نمبر 37  جي ذريعي وفاق جي دائري ڪار ۾ موجود ڪم، زمين ۽ عمارتن جو ذڪر آهي. اهڙي ريت اثاثا ۽ ملڪيت، جيڪا ان نقطي جي لکت ۾ پاڻ واضح آهي، رڳو وفاقي مقصدن جي لاءِ آهي ۽ انهن ۾ صوبن جو ڪو به عمل دخل ناهي. اهڙي ريت جيئن ته ان کان پهرين ذڪر ڪيو ويو ته صحت ۽ سرڪاري اسپتالن جو معاملو صوبن سان مخصوص آهي جنهن کي ڪنهن طور وفاقي مقصدن جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے