16 ہفتہ , فروری 2019

ڪنهن کي به صوبن جا حق کسڻ نه ڏينداسين: پ پ چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي جي 3 وڏين اسپتالن جو بندوبست وفاقي حڪومت جي حوالي ڪرڻ کي 18هين آئيني ترميم تي حملو قرار ڏيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪنهن کي صوبن جو حق کسڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اسان عدالت جو تفصيلي فيصلو ناهي ڏٺو پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کي واقعي انهن ادارن کي سنڌ کان کسيو آهي ته عوام ان کي 18هين آئيني ترميم تي حملو تصور ڪندو ۽ اسان کي انهن کي سمجهائڻ ڏکيو ٿي ويندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته عوام هي سوال اٿاريندو ته ڪهڙي طرح انهن جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت طرفان منظور ڪيل فيصلي کي هڪ يا ٻن اڻ چونڊيل ماڻهو پنهنجي قلم جي نِبَ سان رد ڪري ٿا سگهن.  هن چيو ته توهان سڄي دنيا کان امداد گهري رهيا آوي هي اسپتال وفاقي حڪومت وٽ هوندي ته ان جو ڇا ٿيندو؟ بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو ته هو چاهي ٿو ته مرڪزي حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ته هو دل جي مرضن واري قومي اداري ۾ مفت علاج جي سهولت جاري رکڻ لاءِ 14 ارب رپيا ڏئي، جيڪا انهن 3 اسپتالن مان هڪ آهي جنهن جو بندوبست وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ جي حڪمران پارٽي جي سربراهه جو چوڻ هو ته هو صوبائي حڪومت طرفان انهن اسپتالن کي بهترين ادارن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيل رقم جي واپسي لاءِ ناڻي واري وزير اسد عمر ڏانهن بل موڪليندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے