22 جمعہ , فروری 2019

ايل جي طرفان انوکو ” فولڊ ايبل “ فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان

سيئول ( ويب ڊيسڪ ) ٽيڪنالاجي ڪمپني ايل جي هڪ اهڙو فولڊنگ سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ واري آهي، جنهن ۾ وهپيدار ٻي اسڪرين به لڳائي سگھندا. ميڊيا رپورٽن موجب ايل جي هڪ نئون سمارٽ فون متعارف ڪرڻ واري آهي جنهن ۾ اسڪرين سائز کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ڊبل اسڪرين لڳائي سگهبي. رپورٽ موجب اهو ٻين اسڪرين جي هڪ ڪيس (CASE) جي شڪل ۾ ٿي سگھي ٿي. ان نئين فون کي ايندڙ مهيني موبائيل ورلڊ ڪانگريس ۾ متعارف ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ ان وقت ئي ان بابت تفصيل سامهون ايندا. ياد رهي ته ايل جي ڪمپني فولڊنگ ڊيوائسز ٺاهڻ ۾ ماهر آهي، جيڪا اڳ به اهڙيون ڪيئي اسڪرين ٺاهي چڪي آهي جيڪا سولائي سان ڪتاب وانگر يا اخبار وانگر فولڊ ٿي ويندي آهي. 2014ع ۾ ايل جي 18 انچ جي ايڇ ڊي فولڊنگ اسڪرين ٺاهي هئي جنهن ۾ پلاسٽڪ بجاءِ خاص قسم جي فلم استعمال ڪئي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي کائيندڙ بيڪٽيريا دريافت

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ماهرن اهڙا بيڪٽيريا ۽ جراثيم دريافت ڪيا آهن جيڪي اليڪٽرون جي صورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے