21 جمعرات , فروری 2019

بالي ووڊ سلطان سلمان خان ڪراچي ۾ ڇا ڪري رهيو آهي؟

 ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان کي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ جي مشهور بولٽن مارڪيٽ ۾ موٽر سائيڪل کي سڌو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو  سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي مشهور بولٽن مارڪيٽ جي آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ سلطان سلمان خان موٽرسائيڪل سڌو ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ان شخص جي ڀارتي اداڪار سلمان خان سان تمام گهڻي مشهابت ماڻهن کي تعجب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ويڊيو ۾ موجود شخص جي نه صرف چهرو سلمان خان جهڙو آهي پر وارن جو اسٽائيل ۽ ڪپڙن پهرڻ وارو انداز به دبنگ خان جهڙو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ماڻهو کيس سلمان خان جو همشڪل قرار ڏئي رهيا آهن. ان شخص جي ويڊيو ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته تصوير تي دلچسپ تبصرن جو سلسلو پڻ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

علي ظفر جي ٽوئٽ تي ڀارتي آپي کان ٻاهر

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني راڳي علي ظفر  جو وزيراعظم عمران خان جي پلوامه حملي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے