22 جمعہ , فروری 2019

رنوير سنگهه شادي کانپوءِ ڇو ٿيو………. ڄاڻي اوهان جا هوش اُڏي ويندا

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) گذريل سال شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگھه شادي کانپوءِ پنهنجي گھر ۾ رهڻ بدران پنهنجي زال دپيڪا پڊوڪون جي گھر منتقل ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. اها روايت عام آهي ته شادي کان پوءِ  ڇوڪري پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏي پنهنجي مڙس جي گھر ويندي آهي پر رنوير سنگھه ۽ دپيڪا پڊوڪون جي معاملي ۾ ان ڳالهه جي ابتڙ ٿيو آهي. شادي کانپوءِ دپيڪا بدران رنوير سنگھه پنهنجي زال جي گھر منتقل ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا کي  ڏنل هڪ انٽرويو دوران رنوير سنگھه دپيڪا جي گھر منتقل ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته ننڍپڻ کان ئي هن شاديون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون ته ڇوڪريءَ جو ڇوڪري جي گھر منتقل ٿيڻ ضروري نه آهي، ان کانسواءِ  رنوير نه پيو چاهي ته دپيڪا کي ان جي ڪمفرٽ زون( آرام ڏيندڙ هنڌ) کان ٻاهر ڪڍي. رنوير لاءِ دپيڪا ۽ سندس جو آرام هن جي پهرين ترجيح آهي. جنهنڪري هو دپيڪا بدران پاڻ هن جي گھر ۾ شفٽ ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن کي ڦڙا ڇو نه پياريا؟ فواد خان ٻڌائي ڇڏيو….

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا نه پيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے