22 جمعہ , فروری 2019

هاڻ گاڏين تي لڳل وائپر ٻوڏ جو اطلاع ڏيندا !

مشي گن ( ويب ڊيسڪ ) هاڻي گاڏين تي پوندڙ مينهن جي پاڻي ۽ وائيپر جي صفائي جي شرح سان مينهن جي صحيح پيمائش ۽ شهري ٻوڏ (اربن فلڊ) جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. هي دلچسپ تجربو آمريڪي شهر اين آربر ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ گاڏين جي اسڪرينن تي پاڻي صاف ڪندڙ وائپرن تي لڳل سينسر ۽ ڊسبورڊ تي ڪيمرا استعمال ڪيا ويا ۽ ميهن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي.تجربي طور 70 گاڏين ۾ هي نظام استعمال ڪيو ويو. هن سڄي ڪوشش جو مقصد اهو هيو ته روڊن تي هلندڙ گاڏين سان حقيقي وقت ۾ برسات جي مقدار جي صحيح ڊيٽا حاصل ڪئي وڃي.ان طريقي سان شهر ۾ ٻوڏ جي خطري جي اڳڪٿي ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ جو ٻوڏ سان ملڪيتن، هرن،انفراسٽرڪچر۽ ماحول کي سخت نقصان پهچندو آهي. انهي بنياد تي يونيورسٽي آف مشي گن جي پروفيسر برانڪو ڪارڪيز ۽ سندس ساٿين هي سمارٽ سسٽم تيار ڪيو آهي. گاڏين تي لڳل ڪارآمد سينسر ۽ ڪيمرا مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا  سان برسات جي اها معلومات ملي سگهندي جيڪا ان کان اڳ حاصل ڪرڻ ممڪن نه هئي. هي موسمياتي ريڊار کان به وڌيڪ فائديمند آهي. ان جو ڪارڻ هي آهي ته موسمياتي ريڊار هڪ ميل تي چوٿين حصي جي خبر ڏيندو ۽ وائپر هر سيڪنڊ کانپوءِ ڪجهه ميٽر پوندڙ برسات جو اطلاع ڏيندو. اسان کي خبر آهي ته سڄي دنيا ۾ موسم جو مزاج بگڙجي ويو آهي ۽ برسات جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اهڙي طرح وائيپر، سينسر ۽ ٻيا اوزارن ذريعي هر ڪار کي موسمياتي اسٽيشن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. صرف پاڪستان جي پهاڙي علائقن ۾ برسات جي شدت اضافو ٿيندو پيو وڃي. تنهنڪري دير سوير اهڙن حالتن لاءِ انهن اوزارن جي ضرورت وڌي ويندي آهي. جيڪڏهن هي سينسر سڄي شهر ۾ هر هنڌ لڳايا وڃن ته هي هڪ مهانگو نسخو هوندو پر جيئن گاڏين تي لڳايا وڃن ته گهٽ خرچ ٿيندو ۽ ڪيئي شهر پاڻ ۾ ڊيٽا نيٽ ورڪ جي ذريعي ڳنڍي سگهجن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي کائيندڙ بيڪٽيريا دريافت

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ماهرن اهڙا بيڪٽيريا ۽ جراثيم دريافت ڪيا آهن جيڪي اليڪٽرون جي صورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے