22 جمعہ , فروری 2019

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ رات ” سپر بلڊ وولف “ جو نظارو ڪيو ويندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  اڄ رات سموري دنيا ۾ سپر بلڊ وولف مون جو مشاهدو ڪيو ويندو، هي اهو وقت جڏهن زمين سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ويندي، ان جي عمر هڪ ڪلاڪ ٻه منٽ هوندي. انسان جي مهم جيڪا فطرت ۽ غير معمولي تجسس ان کي هر دور ۾ آسمان ۾ پيدا ٿيندڙ انوکين تبديلين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ تي  زور ڏيندي رهي. جنهن ۾ چنڊ ۽ سج گرهڻ ذڪر جوڳا آهن. هڪ مڪمل چنڊ گرهڻ ان وقت ظاهر ٿيندو آهي جڏهن زمين پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندي ڪجهه وقت لاءِ سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ويندي آهي، زمين تي جيڪو پاڇو پوندو آهي فلڪياتي اصطلاح ۾ ان کي “ امبرا” چيو ويندو آهي. ان سبب گرهڻ دوران ڪجهه وقت چنڊ تي ڳاڙهاڻ ڇائنجي، نارنگي يا ڳاڙهاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي مڪمل گرهڻ وقت به چنڊ پوري طرح نظرن کان پري ناهي هوندو. ان کي فلڪياتي زبان ”بلڊ مون“ چيو ويندو آهي. حقيقت ۾ چنڊ جڏهن گرهڻ دوران زمين جي پاڇي جي مرڪز تان گذرندو آهي ته هوا ۾ موجود ست رنگي روشني (اسپيڪٽرم) مان سائو ۽ ويلوٽ رنگ فلٽر ٿي ويندو آهي. جنهن کي طبعيات ۾ ري ليگ اسڪيٽرنگ چيو ويندو آهي. ان سبب ئي ڪجهه وقت سج لهڻ وقت آسمان تي ڳاڙهان ڇانيل نظر ايندي آهي. گذريل سال  31 جنوري 2018ع جي شام جو جيڪا ڳاڙهي ” بلڊ مون “چنڊ جو سموري دنيا ۾ نظارو ڪيو ويو هو.  اهو حوالي سان انوکو هيو ته ان ڏينهن سپر مون به هيو. جنهن چنڊ زمين جي ويجهي هنڌ پيريگي تي هجڻ ڪري پنهنجي عام سائيز کان وڏو ۽ روشن ڏسڻ ۾ ايندو آهي  ۽ جيتوڻيڪ ان ڏينهن گرهڻ به هيو ۽ مخصوص روشنيون فلٽر ٿيڻ ڪري اهو سپر مون ڳاڙهو نظر آيو هيو. فلڪيات جي علم موجب هڪ سپر مون ان وقت ظاهر ٿيندو آهي جڏهن چنڊ، سج جي مخالف پاسي زمين سان گڏ هڪ ئي لائين ۾ اچي ويندو آهي، جنهن کي فلڪيات ماهرن “پيريگي سيزائگ” يا سپر مون جو نالو ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي کائيندڙ بيڪٽيريا دريافت

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ماهرن اهڙا بيڪٽيريا ۽ جراثيم دريافت ڪيا آهن جيڪي اليڪٽرون جي صورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے