21 اتوار , اپریل 2019

ڇا اوهان فيسبڪ ميسنجر ايپ ۾ ٿيل تبديلي تي غور ڪيو آهي؟

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ پنهنجي ميسنجر ايپ جي ڊيزائن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. فيسبڪ ڪمپني گذريل سال آڪٽوبر ۾ اعلان ڪيو هو ته ميسنجر ايپ  جي وهپيدارن جي سولائي لاءِ  ايپ کي ري ڊيزائن ڪيو پيو وڃي. ڪالهه فيسبڪ ميسنجر ايپ کي سموري دنيا جي واهپيدارن  تبديل ڪيو ويو آهي ۽ نئين ڊيزائن ۾ 9 بدران 3 ٽيب مُهيا ڪيا ويا آهن.انهن ٽيبن ۾ رڳو چيٽ، پيوپل ۽ ڊسڪو شامل آهن جڏهن ته ٻين فيچرز ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. ري ڊيزائن ۾ سڀ کان مٿي سرچ آپشن ڏنو ويو آهي جنهن بعد اسٽوري فيچر ڏنو ويو آهي ۽ پوءِ چيٽ باڪس ظاهر ٿئي ٿو. فيسبڪ ميسنجر جي نائب صدر اسٽان چوڊنوسڪي جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن سالن ۾ اسان ڪيئي صلاحيتون حاصل ڪيون آهن پر سڀ ڪجهه ايترو سولو نه آهي، جيئن ميسنجر ايپ شروعات ۾ هوندي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناسا جي پلينٽ هنٽر 53 نوري سالن جي مفاصلي  تي زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے