21 جمعرات , فروری 2019

آرمي چيف سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جنرل جوزف ووٽيل جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل جوزف ووٽيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي ڪمانڊر جنرل جوزف ووٽيل وفد سان گڏ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. وفدن جي سطح تي ٿيل ملاقات ۾ علائقائي سلامتي، افغان امن مفاهمتي عمل ۽ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل جوزف خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ڏکيائين باوجود علائقائي سلامتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ اسان رنڊڪن باوجود علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته افغانستان ۾ امن علائقائي امن لاءِ اهم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے