16 ہفتہ , فروری 2019

ساهيوال واقعو: ن ليگ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ساهيوال ۾ پيش آيل واقعي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ن ليگ طرفان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل مهملي واري رٿ تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خواجا آصف، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ اياز صادق جون صحيحون موجود آهن. تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته ساهيوال ۾ هٿين خالي شهرين جو ٻارن سامهون پوليس جي فائرنگ ۾ قتل عوامي نوعيت جو اهم ترين مسئلو آهي، ان واقعي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ حڪومت کان جواب طلب ڪيو وڃي. مهملي واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کان جواب گهريو وڃي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي بنيادي انساني ۽ قانوني حق ۾ ڇو ناڪامي ٿي، ان کانسواءِ ن ليگ قومي اسيمبلي جي رولز آف بزنس جي قاعدي 110 تحت ان مسئلي کي ايوان ۾ فوري طور بحث هيٺ آڻڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے