22 جمعہ , فروری 2019

آسٽريلين اوپن جو ٻيو وڏو اپ سيٽ، اينجلق ڪربر به ايونٽ مان ٻاهر

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين اوپن جو ٻيو وڏو اپ سيٽ عالمي نمبر ٻه اينجلق ڪربر جي آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ٿيو آهي، جڏهن ته ايشلي بارٽي روسي ٽينس اسٽار ماريا شيراپووا کي هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ پهرين آسٽريلوي عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. ٽينس سيزن جي پهرين گرينڊ سلم آسٽريلين اوپن ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي. وومين سنگلز جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ عالمي نمبر ٻه اينجلق ڪربر کي رينڪ پنجٽيهه جي آمريڪي رانديگرياڻي ڊينلي ڪولنز هٿان شڪست ملي آهي. ميچ ۾ آمريڪي رانديگرياڻي 0-6 ۽ 2-6 تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي. هوڏانهن ٻئي مقابلي ۾ ميزبان ايشلي بارتي ۽ روسي ٽينس اسٽار ماريا شيراپووا آمهون سامهون ٿيون، ماريا شيراپووا تجربيڪاري ڏيکاريندي پهريون سيٽ 4-6 تان کٽيو پر ايشلي زبردست ڪم بيڪ ڪندي 1-6 ۽ 4-6 تان ڪاميابي ماڻي ماريا شيراپووا کي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ايشلي بارٽي آسٽريلين وومين رانديگرياڻي طور پهريون ڀيرو آسٽريلين اوپنر جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي گورننگ باڊي, ڀارت تي پابندي لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پلوامه حملي کان پوءِ ڀارتي ورلڊ لاءِ پاڪستاني شوٽرن کي ويزا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے