22 جمعہ , فروری 2019

وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر روانو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ )وزيراعظم عمران خان قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو آهي. زيراعظم عمران خان کي هن دوري جي دعوت قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ڏني هئي، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، خسرو بختيار، غلام سرور خان ۽ عبدالرزاق دائود وزيراعظم ساڻ گڏ آهن. قطري سفير صقر بن مبارڪ مطابق وزيراعظم پاڪستان هن دوري ۾ امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطري وزيراعظم عبدالله بن ناصر بن خليفا ثاني سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڍاڪا ۾ باهه جو واقعو: پاڪستان جو افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڍاڪا ۾ موجود عمارت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے