22 جمعہ , فروری 2019

شاهه رخ ڪيس جي ٻڌڻي، فوجي عدالتون لڳرائڻ بجاءِ جاچ ڪرايو: هاءِ ڪورٽ سنڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ جو شاهه رخ جتوئي جي اپيل تي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ناقص جاچ تي جوابدار جي آزادي کان پوءِ عدالتن تي الزام ايندو ۽ فوجي عدالتن جو مطالبو ٿيندو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاهه رخ زيب قتل ڪيس جي جوابدار جي اپيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته جاچ آفيسر هڪ ڀيرو پنهنجي مرضي سان ۽ ٻيون ڀيرو عدالت جي حڪم تي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرايو. سرڪاري وڪيل موجب جوابدار شاهه رخ جتوئي جي عمر بابت ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻه دستاويز ڏنا ويا آهن ۽ جوابدار شاهه رخ جتوئي جو ب فارم ۽ اسڪول سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو ويو. سرڪاري وڪيل جو موقف هيو ته جوابدار پاران ميڊيڪل بورڊ کي چيلينج ناهي ڪيو ويو تنهنڪري جوابدار جي عمر جي مقرر ڪرڻ بابت ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ درست آهي ۽ ميڊيڪل بورڊ شاهه رخ جتوئي کي بالغ قرار ڏئي ڇڏيو هيو.ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ڌرين وچ ۾ صلح ٿي وئي آهي ۽ عدالت ماتحت ۾ پراسيڪيوٽر ان ڪيس کي دهشتگردي جو ڪيس ثابت ناهي ڪيو. وڪيل صفائي لطيف کوسا جو چوڻ هو ته پراسيڪيوٽر ان حوالي سان 6 شاهدن کي چونڊيو هيو پر 6 مان 3 شاهدن ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا ۽ ٽنهي شاهدن به پنهنجي بيان ۾ خوف ۽ هراس پکجڻ جو نه چيو ڇو جو اهو واقعو رات هڪ بجي جو آهي جيڪو دهشتگردي جو نه آهي. لطيف کوسا چيو ته پوليس جاچ ۾ گھڻيون غلطيون ڪيون آهن، ان تي جسٽس نذر اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ناقص جاچ تي جڏهن جوابدار ڇڏيا ويندا آهن ته عدالتن کي بدنام ڪيو ويندو آهي. ان جو  جواب  ڏيندي  جوابدار جي وڪيل چيو ته ان ڪيس ۾ جيڪا جاچ سامهون آئي اچي رهي آهي اها اوهان جي آڏو آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن جي آزادي کان پوءِ عدالتن تي الزام ايندو ۽ فوجي عدالتن جو مطالبو ٿيندو، فوج کان عدالت لڳرائڻ بجاءِ جاچ ڪرايو، اوهان پارليمينٽيرين آهيو تنهنڪري فوج جي جاچ جي بابت قانون سازي ڪيو. ان تي لطيف کوسا چيو ته آئون هڪ جمهوري پارليامينٽيرين طور اهو ڪيئن ٿو ڪري سگھان؟ عدالت سڀني دليلن کي ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے