22 جمعہ , فروری 2019

ڏھرڪي: پورهيت رڪشا ڊرائيور جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج

ڏھرڪي(ويب ڊيسڪ)ڏھرڪي ۾ پورهيت رڪشا ڊرائيور ايس ايڇ او طرفان بنا جواز کيس مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي رڪشا ڊرائيور گاهي سميجي احتجاج کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ هو سواري کنيون پئي ويو تھ اي ايس آءِ  مجيد ٽڳڙ آيو جنھن کيس چيو تھ کيس اڳئين سيٽ گهرجي.هن چيو تھ اي ايس آءِ کي چيو تھ  اڳيان سواري فل آھي، توهان پويان ويهو پر هن  ڏمرجي  کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پڻ گارگند ڪئي. هن چيو تھ هو غرين پورهيت آهي پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندو آهي.رڪشا ڊرائيور داهيندي چيو تھ  پوليس اھلڪار کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ھن چتاءُ ڏنو تھ جيڪڏهن ساڻس انصاف نھ ٿيو تھ  هو پاڻ کي ڏھرڪي ٿاڻي اڳيان باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منهنجي ٻارن سان زيادتي ٿي آهي…

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے