22 جمعہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي ملازم قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي ۾ ڪار تي فائرنگ ۾ ڪي ڊي اي ملازم مارجي ويو. ايس پي جمشيد ڊويزن شمائل رياض موجب مارجي ويل شخص کي مٿي ۾ گولي لڳي، جڏهن ته فائرنگ جو واقعو طيبا مسجد ڀرسان پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول محمد علي شاهه ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ 15هين گريڊ جو ملازم آهي، واقعي واري هنڌان 30 بور پسٽل جي گولي جو خول مليو آهي. جناح اسپتال ۾ حادثن واري شعبي جي انچارج ڊاڪٽر سيمي جمال موجب مقتول جي عمر لڳ ڀڳ 50 سال آهي، مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سندس موت ٿيو، مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ سرد خاني منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے