22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: مٺي: سڄاڻ ڌرين ۽ تعليمي ماهرن  تباهه ٿيل تعليم جو ذميوار ڪنهن کي ڏنو؟

سنڌ جي سول سائيٽي، تعليمي ماهرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تعليم جي بهتر لاءِ نئين سر ايجوڪيشن پاليسي جوڙڻ، برانچ اسڪولن کي ضم ڪري ڪئمپس اسڪول، ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ سائنس استاد مقرر ڪري ڪمپيوٽر ليب قائم ڪرڻ ، لائبرريون کولڻ ۽ بند پيل اسڪولن کي کولي نياڻين جي تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 ٿر سميت سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جو ذميوار مقامي چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي ڪامورن کي قرار ڏنو آهي.

 ڏيپلو جي ڳوٺ مالهيار ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول ماليهار ۽ ڳوٺاڻن جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل تعليمي سيمينار ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي، اڳواڻن ليکڪ ميرحسن آريسر، سماج سڌارڪ نورمحمد بجير، ٽي اي او سيڪينڊري ڏيپلو محمد حنيف بجير، تعليمي ماهر پرتاب شيواڻي، عبدالسبحان سميجو، اوڀايو جوڻيجو، عمر بجير، سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير، امولک ميگهواڙ، انور بجير، سماجي اڳواڻ پرتاب شيواڻي، قانوندان وڪيل وسند ٿري، پ پ اڳواڻ ميئن بجير، ضلعي ڪائونسلر حاجي ڦوٽو خان بجير، ڊاڪٽر جان محمد، محمد رمضان بجير، صحافي اعجاز بجير، ساجد بجير، حنيف بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي ٻار ۾ ٻين ضلعن جي ٻارن کان وڌيڪ ٽيلينٽ آهي پر موقعا نه ملڻ جي ڪري سندن ٻار اڳتي نڪري نه سگهيو آهي.

سيمينار ۾ مختلف ڳوٺن مالهيار، ڀاڏور، سوڀيار، ڪاريهار، سگهروڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين، شاگردن ۽ والدين سميت مختلف مڪتب فڪر جي رهواسين شرڪت ڪئي، تعليمي سيمينار ۾ سول سوسائيٽي سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيٽو نورمحمد بجير پروگرام ۾ مڊل اسڪول ماليهار کي پنج ڪمپيوٽر ليب لاء پنج ڪمپيوٽر ۽ لائبرري قائم ڪرڻ لاء ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ آخر ۾ تقريري مقابلن ۾ نمبر پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد ساجد احمد، ٻئي پوزيشن نعمت الله ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ عابد نواز بجير کي شيلڊن  ۽ روڪ رقم جي انعامن سان نوازيو ويو

قومي راڳي ديال صحرائي امن جي نگري امن ٿي چاهي گيت ٻڌائي سيمينار ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.،،،،،،،،،،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے