16 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ: گاجي کهاوڙ: امير سنڌ جي تباهه ٿيل اسڪولن جا ذميوار ڪير؟

گاجي کهاوڙ لڳ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ٽي شاگرد زخمي. شاگردن طرفان نئون اسڪول ٺھرائي ڏيڻ جي گهر. گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ غازي خان مرکنڊ جي بوائز پرائمري اسڪول جي ڇت جاچاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا جنهن سبب شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي چاپڙ ڪرڻ سبب ٽي شاگرد شهمير مرکنڊ آصف مرکنڊ ۽ سرواڻ چانڊيو زخمي ٿي پيا ان موقعي تي شاگردن چيو ته ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن اسان جي وزير تعليم کي اپيل آهي ته اسان کي اسڪول ٺهرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان تدرسي عمل جاري رکي سگهون. هوڏانهن ڊيِ  اِي او قمبر ديدار حسين وڳڻ سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارهه تعلقي جي ڪيترين ئي اسڪول عمارتن جي انفرااسٽرڪچر  اطمينان جوڳي نه هئڻ سبب ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ کي آگاهي ڏني وئي آهي ، ريهيبيليشن فنڊنگ جي جاري ٿيڻ ۽ ٽينڊر  بعد مرمتي ڪم ڪرايا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے