20 ہفتہ , اپریل 2019

مقتول ذيشان جا دهشتگردن سان رابطا هئا؟ ڏسو هن خبر ۾

ساهيوال ( ويب ڊيسڪ ) انٽيليجنس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ساهيوال سانحي جي مقتول ڊرائيور ذيشان جي دهشتگردن سان رابطن جا ثبوت ملي ويا آهن. انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ذيشان جي موبائيل فون مان دهشتگرد عثمان جي تصوير ملي آهي. عثمان 15 جنوري تي فيصل آباد سي ٽي ڊي جي مقابلي ۾ مارجي ويو هو. انٽيليجنس ذريعن موجب ذيشان جي استعمال هيٺ گاڏي عديل حفيظ خريد ڪئي هئي جنن اسٽامپ پيپر به منظر عام تي اچي ويو آهي.  انٽيليجنس ذريعن ٻڌايو آهي ته عديل حفيظ به عثمان سان گڏ 15 جنوري تي فيصل آباد مقابلي ۾ مارجي ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے