16 ہفتہ , فروری 2019

سپريم ڪورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ٻٽي شهريت جي بنياد تي مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي.  عدالت قرار ڏنو ته ريٽرننگ آفيسر مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، پر درخواست گذار ريٽرننگ آفيسر جي حڪم کي قانون فورم تي چئلينج نه ڪيو، پر سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن کي رد ڪيو ويو، معاملي ۾ هاءِ ڪورٽ جو درخواست رد ڪرڻ  بلڪل درست آهي، درخواست گذار مراد علي شاهه جو سياسي مخالف آهي ۽ صرف سياسي مخالف هئڻ ڪنهن نيڪ نيتي کي ظاهر نٿو ڪري.  جسٽس منيب اختر چيو ته درخواست گذارن کي قانوني فورمن جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ  نيت کي به ثابت ڪرڻو پوندو آهي، ائين ناهي ٿيندو جو اچتو ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست دخل ڪئي وڃي. عهديدارن کي هٽائڻ واري درخواست هر ڪو سڌو سنئون سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي ايندو آهي.  ٻڌڻي دوران درخواست گذار موقف ڄاڻايو ته مراد علي شاهه حلفي بيان ۾ ٻٽي شهريت جو ذڪر ناهي ڪيو، ٻٽي شهريت لڪائڻ تي هو صادق ۽ امين ناهي رهيو ۽ تنهنڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے