22 جمعہ , فروری 2019

ڪي فور رٿا ايندڙ ٻن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندي: سعيد غني

ڪراچي: مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪي فور منصوبي ۾ بدانتظامي ڪئي وئي جنهن ڪري منصوبو ايندڙ ٻن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندو، ڪراچي جا شهري پاڻي لاءِ اڃا وڌيڪ ڀوڳيندا، ڪالهه  سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن واري کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال واري ايس ٿري منصوبي تي 36 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي، ان ٽريٽمينٽ پلانٽ جي زمين تي قبضا ٿي ويا تڏهن ڪنهن آواز نه اٿاريو هاڻي اتي شهر ٺهي ويو آهي، ماڻهن کي اٿارڻ مسئلو آهي، ايس ٿري گريٽر سيوريج پلان جي لاڳت وڌڻ جا ڪيترائي سبب آهن، وفاق پي سي ون جي لاڳت ۾ اضافي جي منظوري ڏني، ان کي پنهنجو حصو وڌائڻ گهرجي، پر ان منصوبي لاءِ پنهنجو حصو نه ڏنو، پر سنڌ سرڪار ان تي 6 ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، هن چيو ته  ڪراچي جو 280 ايم جي ڊي پاڻي ٽريٽمينٽ ڪري سمنڊ حوالي ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪي فور منصوبو25 ارب رپين جي خرچ سان 2018 ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر لڳي ٿو ته  اڃا وڌيڪ ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿيندو، ڪراچي وارا وڌيڪ اڃارا رهندا، ڪي فور  مان پاڻي جي فراهمي هينئر ممڪن نه آهي، ان منصوبي تي خرچ جو ڪاٿو 70 ارب رپين کان وڌي ويندو.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس راولپنڊي ۾ منتقلي لاءِ نيب درخواست

ڪراچي (رپورٽر)نيب بئنڪنگ عدالت ۾ ڪيس احتساب راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. بئنڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے