22 جمعہ , فروری 2019

پ پ ۽ ن ليگ مني بجيٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته مني بجيٽ تقرير جي ڪنهن تجويز ۾ روينيو جو ذڪر نه هو، پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو آهي ته بجيٽ ۾ مالي خسارو گهٽائڻ لاءِ ڪي قدم ناهن کنيا ويا. حڪومت طرفان مني بجيٽ پيش ڪرڻ تي اپوزيشن اڳواڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بجيٽ کي مجموعي طور حڪومت جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته اڄ ملڪي بجيٽ ۽ پارليامينٽ جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي، موجوده حڪومت کي اقتصادي صورتحال جي خبر ناهي، حڪومت جي ڪنهن تجويز ۾ روينيو جو ذڪر ئي ناهي. هن چيو اسان کي ان ڳالهه جو خوف آهي ته حڪومت جلد وڌيڪ مني بجيٽ لاءِ قدم نه کڻي، پنهنجو گهر اسڪيم لاءِ رڳو 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هوڏانهن پ پ اڳواڻ نويد قمر جو چوڻ هو ته ملڪ جون معاشي حالتون درست ناهن، لڳي رهيو آهي حڪومت جو ايندڙ قدم آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ هوندو، جيڪڏهن معيشت اوڌر تي هلائڻي آهي ته ماضي ۾ اڳوڻين حڪومتن تي تنقيد ڇو ٿيندي هئي. هن چيو ته اپوزيشن چاهي ٿي ملڪ ۾ استحڪام رهي ۽ حڪومت قائم رهي پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي بار سان پاڻ ئي ڪري پئي ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، حڪمرانن کي عوام سان سچ ڳالهائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے