16 ہفتہ , فروری 2019

سعودي فوج جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ سهڪار جاري رکنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان سعودي زميني فوج جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو.  اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي چيف آف جنرل اسٽاف جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب سعودي چيف آف جنرل اسٽاف جي سربراهي ۾ عسڪري وفد جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو. سعودي چيف وفد سان گڏ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل وڇاور ڪيا. ان موقعي تي سعودي چيف آف جنرل اسٽاف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات پڻ ڪئي، جنهن ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ گڏيل دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته سعودي بري فوج جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکنداسين. سعودي چيف آف جنرل اسٽاف جو چوڻ هو ته سهڪار تي پاڪ فوج جا ٿورائتا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے