22 جمعہ , فروری 2019

نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڪنهن چُپ ڪرايو؟… شيخ رشيد وڏو راز فاش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هن وقت ن ليگ ۾ شهباز شريف جو موقف آهي، حالتن سبب نواز شريف ننڍي ڀاءُ شهباز شريف سامهون سرينڊر ڪيو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف مينيج ڪندڙ شخص آهي، هن نواز شريف ۽ مريم نواز کي چُپ ڪرايو، هن پارٽي ۾ نواز شريف جي موقف کي تبديل ڪرايو. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊر 100 سيڪڙو اين آر او گهري رهيو آهي، هو سمورا معاملا طئي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻُهارو آيو ته اهي ماڻهو مينار تي چڙهي چوندا اسان مري وياسين، ظلم ٿي ويو، چور پڪڙيا وڃن ته سنڌ ترقي ڪندي، پنجاب ۾ پ پ جو وجود ناهي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے