22 جمعہ , فروری 2019

سرفراز ڏکڻ آفريڪي رانديگر کي نسل پرست جملا ڇو چيا؟… قومي ڪپتان پاڻ ميدان تي اچي ويو

سنچورين (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريڪي رانديگر خلاف چيل نسل پرست جملن تي معذرت ڪندي چيو ته آهي ته مان اهڙو سوچي به نٿو سگهان. سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ سرفراز احمد چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي ريمارڪس سان ڪنهن جي دل آزاري ٿيا يا دل ڏُکي آهي ته معذرت چاهيان ٿو، منهنجو ڪنهن کي ڏُک پهچائڻ جو ڪو ارادو نه هو. هن چيو ته مان ڄاڻي واڻي اهو جملو نه چيو پر ميچ جي صورتحال ڏسي جذباتي ٿي ويو هيس، غير ارادي طور تي اهو جملو واتان نڪري ويو، جيڪو بدقسمتي سان اسٽمپ مائيڪ ۾ ٻڌو ويو پر منهنجا لفظ ڪنهن جي خلاف نه هئا. سندس چوڻ هو ته مان مخالف ٽيمن جو فيلڊ ۽ آف دي فيلڊ احترام ڪندو آهيان ۽ ڪندو رهندس، منهنجا جملا قطعي طور ڪنهن کي ٻڌائڻ يا مخالف ٽيم توڙي ڪرڪيٽ مداحن تائين پهچائڻ جو مقصد نه هئا، ماضي ۾ پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽرن جي دوستي جي تعريف ڪندو رهيو آهيان ۽ اڳتي به اهو عمل جاري رکندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے