20 ہفتہ , اپریل 2019

حيدرآباد مان سامهون ايندڙ بيماري سڄي دنيا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد مان سامهون آيل ” سوپر بگ ٽائفائيڊ“ سڄي دنيا جي لاءِ خطري جي گهٽي وڄائي ڇڏي. ” ايڪس ڊي آر ٽائيفائيڊ“ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ ان موذي مرض مان متاثرن ماڻهن هاڻ پاڪستان ئي نه پر برطانيا ۽ آمريڪا ۾ به موجود آهن. پاڪستان کان آمريڪا ۽ برطانيا واپس ويندڙن ۾ ايڪس ڊي آر ٽائفائيڊ تشخص ڪئي پئي وڃي.  سنڌ جي صحت کاتي جي ماهرن موجب صوبي ۾ موذي ٽائيفائيڊ جي وبا سان 2016ع کان هن وقت تائين 8 هزار ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڌيڪ گهڻو ڪري ڪيس ڪراچي جنهن بعد حيدرآباد ۽ سانگهڙ مان رپورٽ ٿيا. ان کان سواءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو موت جي واڌ ۾ وڃي چڪا آهن جڏهن ته ان مان متاثرن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي جيڪي اسڪول ۾ خراب پاڻي سبب مرض جو شڪار ٿيا. ”سوپر بگ ٽائيفائيڊ“ جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اينٽي بائيوٽڪس بي اثر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے