20 ہفتہ , اپریل 2019

انسٽاگرام دل ڏکائيندڙ تصويرن جي روڪٿام لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو

سان فرانسسڪو ( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام طرفان ڏکائيندڙ ، ڪاوڙ ۽ پاڻ کي نقصان پهچائيندڙ منظر  وارن مواد جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب انسٽاگرام برطانوي نوجوان ڇوڪريءَ مولي رسل جي آپگھات کانپوءِ پوسٽ شيئر نگ لاءِ نئين ( حساس اسڪرين) متعارف ڪرائي آهي. جنهن جو اعلان انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري پاڻ ڪيو. ان فيچر سان زخم، قتل، آپگھات ۽ ٻيڻ دل ڏکائيندڙ منظرن جي تصويرن کي ڌنڌلو ڪيو ويندو ۽ رڳو خواهشمند واهپيدار جي بٽڻ دٻائڻ تي ئي دستياب هوندا. اهڙي طرح پيج تي اسڪرولنگ دوران اهو منظر اوچتو سامهون نه ايندو. ان فيچر تحت اهڙين سڀني تصويرن کي بلاڪ ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪو واهپيدار پاڻ کي نقصان پهچائيندي نظر اچي گھٽ عمر نوجوان ناڪاري نقصان نه پهچائن، جيئن برطانيا ۾ هڪ واقعو رپورٽ ٿيو آهي. برطانوي نوجوان ڇوڪريءَ مولي اسل جي آپگھات جو ذميوارن سندس والدين  انسٽاگرام کي قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو هو ته نياڻي انسٽاگرام تي هڪ شخص جي تصوير مان آپگھات جو طريقو سکيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے