16 ہفتہ , فروری 2019

سبزيون کائو ۽ ڊپريشن مان ڇٽڪارو حاصل ڪريو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ )  اسان کي خبر آهي ته کاڌي ۽ دماغي صحت پاڻ ۾ سڌي ريت تعلق هوندو آهي. هاڻي خبر اها آهي ته ڀاڄين جا جتي بي حساب فائدا آهن اتي اهي سايون ڀاڄيون ۽ فائبر وارا کاڌا ڊپريشن، اداسي ۽ دماغي دٻاءُ کي پري ڪرڻ ۾ گھڻا مددگار ثابت ٿيندا آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف هڪ مطالعي ۾ ڪيو ويو آهي جيڪو يونيورسٽي آف مانچسٽر جي پروفيسر جوزف فرٿ ۽ سندس ساٿين ڪيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته خراب کاڌا دماغي صحت کي متاثر ضرور ڪندا آهن پر ان جو اهو مطلب بنهه ناهي ته درست کاڌا کائڻ سان پاڻ مرادو ڊپريشن ختم ٿي ويندو. ان ڏس ۾ 46 هزار ماڻهن جو ڊيٽا ورتو ويو آهي جنهن جو تجربو ڪندي ماهرن سائيڪوسوميٽڪ ميڊيسن ۾ ان جا تفصيل شايع ڪرايا  آهن. ان تحقيق ۾ هنن ڄاڻايو آهي ته ڪجهه کاڌا ڊپريشن جو علامتون تبديل ڪندا آهن ۽ انهن مان ڪيئي فائدا حاصل ٿيندا آهن. سٺي ڳالهه اها آهي ته جيڪي کاڌا ڊپريشن گھٽائيندا آهن اهي چرٻي گھٽ ڪرڻ ۽ وزن گھٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن. غذا ۾ معمولي تبديلي سان دماغ ۽ عضون جي صحت ۾ بهتري ايندي آهي. جيڪڏهن ان گڏ ورزش کي به شامل ڪيو وڃي ته ان جا فائدا ٻيڻا ٿي ويندا آهن. ان سروي مان هڪ انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته ڊپريشن گھڻو ڪري عورتن تي حملو ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن عورتون ڀاڄون ۽ تندن وارن کاڌن جو استعمال وڌائن ته مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي ان جو وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دٻي ۾ پيڪ کاڌو صحت هاڃيڪار يا فائديمند…. ماهرن آگاهه ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) اسان مان گھڻا ماڻهو بازار مان دٻي ۾ بند ٿيل شيون خريد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے