20 ہفتہ , اپریل 2019

ايندڙ سال ٽوڪيو اولمپڪس جا تمغا ڪچري ……….. وڌيڪ ڏسندا تفصيل ۾

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال 2020ع جي اولمپڪس مقابلا جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ ٿيندا ۽ مقابلن ۾ کٽڻ وارن رانديگرن کي قيمتي ڌات جا ميڊل ڏنا ويندا پر اهي تمغا ڪچري (اي ويسٽ) مان ڪڍيل ڌاتن مان ئي ٺاهيا ويا آهن. سموري دنيا ۾ هر ڏينهن پراڻا برقي اوزار،  ڪيمرا، سمارٽ فون ۽ ڪمپيوٽر جا اوزار خراب ٿيڻ کان پوءِ ڪچري ۾ اڇلايا ويندا آهن ۽ هاڻي اهو حال آهي ته برقي ڪچرو ماحول لاءِ هڪ خطرناڪ مسئلو بڻجندو پيو  وڃي. ان بابت شعور ۽ جاڳرتا لاءِ ايندڙ سال اولمپڪس ميڊل  ڀڳل ڪيمرائن ۽ ڀڳل سمارٽ فونن مان تيار ڪيا ويندا. ٽوڪيو اولمپڪس ڪميٽي سال 2017ع کان ئي ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي خبر اها آهي ته وڏي تيزي سان برقي گند ڪچري مان قيمتي ڌات ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪميٽي جو خيال آهي ته هن سال مارچ تائين ان ڪم کي مڪمل ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ ٽوڪيو جي مڪاني ادارن واري کاتي  غير معمولي انتظام ڪيا آهن. پر واضح رهي ته برقي اوزارن مان سون، چاندي، پلاٽينم ۽ ٻيون قيمتي ٻيا قيمتي ڌاتو موجود هوندا آهن پر هنن کي ٽوڙڻ ايترو سولو ناهي هوندو. ان لاءِ جاپان جي 1594 ميونسيپالٽين ۾ برقي گند ڪچري جون آفيسون قائم ڪيون ويون آهن. گذريل سال نومبر تائين اتي 47488 ٽن برقي گند ڪچري جو ڍير گڏ ٿي چڪو هو. ان دوران 2400 ڊوڪومو اسٽورن ۾ 50 لک پراڻا فون به گڏ ڪيا ويا هئا. اهڙي طرح گذريل سال جون ۾ پتل جي سڀني ميڊلن لاءِ ضروري ڌاتو گڏ ٿي چڪي آهي. سون جي تمغن جو 93.7 مقدار آڪٽوبر ۾ گڏ ٿي وئي هئي ۽ هن مهيني چاندي جي ميڊلن لاءِ ضروري 85.4 سيڪڙو مقدار به ڪڍيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناسا جي پلينٽ هنٽر 53 نوري سالن جي مفاصلي  تي زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے