16 ہفتہ , فروری 2019

ليمي ۽ سبزين جو استعمال اوهان کي پٿرين کان بچائي سگهي ٿو: تحقيق

ڊرهم/نارٿ ڪيرولينا ( ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن توهان ڀاڄين ۽ ليمن ( خاص ڪري ليمي جي پاڻي) جو استعمال وڌائيندا آهيو ته نه رڳو پتي پر گڙدن جي پٿرين کان به بچي سگھون ٿا. نيوٽريئنٽس نالي رسالي ۾ پڌري ٿيل  هڪ تحقيق معلوم ٿيو آهي ته ڀاڄين جي باظابطا استعمال جا جتي ٻيا بيشمار فائدا آهن اتي انهن کي کائڻ وارا ماڻهو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پٿرين کان بچيل هوندا آهن. ان ڏس ۾ هڪ تحقيقي سروي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ ڊگھي عرصي لاءِ 4836 ماڻهن جي کاڌي جي عادتن، ڪولسٽرول جي مقدار ۽ پتي جي پٿرين جا واقعا نوٽ ڪيا ويا آهن. ان مطالعي کان بعد خبر پئي آهي ته ڀاڄين تي ڀاڙيندڙ عورتن ۾ ٻين جي مقابلي ۾ پتي جي پٿري ٿيڻ جو خطرو چئوڻ تائين وڌي ويندو آهي. رپورٽ مان اها ڳالهه به سامهون آيون آهن ته ڀاڄيون ڪولسٽرول گھٽائينديون آهن ۽ انهن ۾ موجود فائبر بلڊ پريشر ۽ شگر کان به بچائيندا آهن. سبزين جو ٽيون وڏو فائدو اهو آهي ته سبزيون کائڻ سان ماڻهو ٿولهه جي بيماري کان به بچي سگھي ٿو. سائنسدانن سروي بعد چيو آهي ته هڪ پاسي ته ليمي جو پاڻي گڙدن ۾ پٿري بڻجڻ واري عمل کي روڪيندو آهي ۽ جيڪڏهن پٿري ٿي ته ان کي وڏي رفتار سان به سست ڪرڻ آهي. ان ڏس ۾ اهو شربت جادوئي اثر رکي ٿو ايتري تائين جو آمريڪي ماهر ڊاڪٽر راجر سر ۽ وسڪانسن يونيورسٽي ۾ يورولوجي جي پروفيسر اسٽيون ناڪاڊا ليمي جي پاڻي کي سڀني دوائن کان به اثرائتو قرار ڏنو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ليمن ۾ سڀني ميون جي ماقبلي ۾ سٽرڪ ايسڊ جو گھڻو مقدار ۾ موجود هوندو آهي ۽ اهو تيزاب گڙڊي جي پٿرين جو اثرائتو علاج ڪندو آهي. ان عمل هاڻي ليمون ٿراپي چيو ويندو آهي ٻي پاسي سپليمنٽ طور تي مريض کي پوٽاشيم سائٽريٽ ڏنو ويندو آهي او ليمي جي ڀيٽ ۾ گھٽ اثرائتو آهي. تازن اطلاعن موجب آمريڪي شهر ڊرهم ۾ موجود ڊيوڪ يونيورسٽي جي ڪڊني اسٽون سينٽر ۾ پٿري وارن 12 مريضن کي چئن سالن تائين ليمي جو پاڻي جي علاج مان گذاريو ويو ۽ هنن جي گڙدن ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گھڻو سست ڏٺو ويو. ان سڀني 12 ماڻهن کي چئن سالن دوران پٿري سبب ڪنهن به طبي ايمرجنسي ۽ علاج جي ضرورت  پيش نه آئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دٻي ۾ پيڪ کاڌو صحت هاڃيڪار يا فائديمند…. ماهرن آگاهه ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) اسان مان گھڻا ماڻهو بازار مان دٻي ۾ بند ٿيل شيون خريد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے