16 ہفتہ , فروری 2019

پي ايس ايل فور، سموريون ٽيمون دبئي پهچي ويون…………

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ سموريون ٽيمون دبئي پهچي ويو آهن جتي هو پريڪٽس ڪنديون.  ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون گذريل رات دبئي پهتيون جڏهن ته ٽيمن جا ٻيا رانديگر اڳواٽ ئي دبئي پهچي چڪا هئا. اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ وارم اپ ميچ اڄ شام کيڏي ويندي جڏهن ته لاهور قلندرز صبح واري سيشن ۾ ٽريننگ ڪئي ۽ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم منجهند واري سيشن ۾ پريڪٽس ڪندي. پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ ايم ڊي وسيم خان به دبئي روانو ٿي چڪا آهن، هو پي ايس ايل تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. 14 فيبروري تي پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب کان پهريان احسان ماني جي صدارت هيٺ اجلاس پڻ ٿيندو ۽ 16 فيبروري تي هو وطن واپس ايندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب وسيم خان دبئي ۾ اڄ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وومين ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچ پڻ ڏسندو. ان موقعي تي انگلش ڪرڪيٽر سمٿ پٽيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ مقابلن جو معيار اعليٰ درجي جو آهي، ايونٽ ۾ سموري دنيا جا ٽاپ ڪلاس رانديگرن موجود آهن دلچسپ مقابلا ٿيندا پرستارن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي. سمٿ پٽيل وڌيڪ چيو ته گذريل سال پاڪستان آيو هئس، تمام سٺو لڳو، هن دفعي به ايندس، ڪراچي جي پرستارن گذريل سال فائنل جي ڪاميابي کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے