20 ہفتہ , اپریل 2019

اي بي ڊيويليئرز جي موجودگي ۾ لاهور جي بيٽنگ محفوظ هٿن ۾ آهي : عاقب جاويد

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر عاقب جاويد  اميد ظاهر ڪئي آهي ته محمد حفيظ 14 فيبروري ٿيندڙ ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو ۽ اي بي ڊيويليئرز جي موجودگي ۾ لاهور جي بيٽنگ لائن محفوظ هٿن ۾ آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته هو سمجهي ٿو ته گذريل ٽن ايونٽن جا نتيجا اسان جي حق ۾ نه هئا، اسان تمام گهڻو پوئتي آهيون، پر هن دفعي کين اميد آهي ته ٽيم بهترين نتيجا ڏيندي. عاقب جاويد چيو ته لاهور قلندرز مضبوظ ٽيم آهي ۽ محمد حفيظ کي ڪپتاني ڏيڻ وارو فيصلو اهم ۽ درست هو جڏهن ته جڳ مشهور بيٽسمين اي بي ڊيويليئرز جي موجودگي ۾ قلندرز جي بيٽنگ بنا ڪنهن شڪ جي محفوظ هٿن ۾ آهي.  فخر زمان جي آئوٽ آف فارم هجڻ  واري سوال جي جواب ۾ عاقب جاويد چيو ته ليگ ڪرڪيٽ جا معاملا ڪافي مختلف هوندا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته يو اي اي جي پچن تي بيٽسمين مايوس نه ڪندا. افتتاحي ميچ بابت ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته اهو اسان لاءِ پهريون تجربو آهي، گذريل ٽن سيزن ۾ اسان ڪڏهن به ايونٽ جي افتتاحي ميچ ناهي کيڏي، هن دفعي موقعو ملي رهيو آهي پر اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي. هن چيو ته لاهور قلندر لاءِ پهرين ميچ ئي نه شروعاتي ٽئي ميچون اهميت رکن ٿيون جيڪي کين چئن ڏينهن دوران کيڏڻيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے