16 ہفتہ , فروری 2019

پاڪستان وومن ٽيم ويسٽ انڊيز کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان راند سان گڏ قومي ٽيم ٽن ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز 2-1 سان کٽي ورتي. ويسٽ انڊيز وومن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوررن ۾ 159 رنسون اسڪور ڪيون، ويسٽ انڊيز ڪپتان سٽيفني ٽيلر 52 رنسون کيڏيون جڏهن ته ڊينڊرا ڊوٽن 28 رنسون اسڪور ڪيون. پاڪستان پاران ڊيانا بيگ 8 اوورن ۾ 43 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي پويلين موٽايو جڏهن ته نشرا سنڌو 10 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي ٽن رانديگرن کي پويلين موٽايو. ويسٽ انڊيز جي 159 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي رهي، اوپنر سندرا امين 52 ۽ ندا ڊار 26 رنسن جون بهترين اننگز کيڏيون، قومي ٽيم پاران گھربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 47 اوورن ۾ حاصل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي ٻئين ميچ، ڪراچي ڪنگز ملتان سلطان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ٻئين ميچ ۾ڪراچي ڪنگز ملتان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے