20 ہفتہ , اپریل 2019

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماريون، وڌيڪ 3 ٻار فوت

مٺي/ڪلوئي (رپورٽ: غازي بجير+نواز بلوچ) ڏڪاريل ڏيھه ٿر ۾ موت جو رقص جاري آهي، غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ جاڳڻ خان لنڊ ۾ پورھيت محمد بخش لنڊ جو ست مھينن جو پٽ شعبان غذائي کوٽ ۽ بيماريءَ وگهي فوت ٿي ويو، سول اسپتال مٺي ۾ نعمت الله لنجو ۽ بادو ڀيل جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي ڪلوئي تعلقي اسپتال ۾ صحت جون مناسب سهولتون نه ھجڻ ۽ غذائي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن جي موت کي ٻنجو نه اچي سگھيو آهي، ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويون آهن، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي سميت صحت جي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسد عمر تحريڪ انصاف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے