16 ہفتہ , فروری 2019

سنڌ جي ڊاڪٽرن جي پگهار پنجاب جي ڊاڪٽرن برابر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه صوبائي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پنجاب جي ڊاڪٽرن جي مطابق پگھار پئڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاھھ کي ھدايت ڪئي تھ پنجاب ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن مطابق سنڌ جي ڊاڪٽرن کي پگھارون ڏيڻ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو تھ ان حوالي سان ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي تھ جيئن ان ۾ غور ويچار کانپوءِ ان جي منظوري ڏني وڃي. وڏي وزير چيو تھ پنجاب حڪومت اڳ ئي ان حوالي سان ڪارروائي ڪئي آھي ۽ پنجاب ڪابينا ان جي منظوري پڻ ڏني آھي تنھن ڪري اسانکي ان ڳالھھ کي يقيني بڻائڻو آھي تھ اسان جا ڊاڪٽر بھ پنجاب جي ڊاڪٽرن وانگر پگھارون حاصل ڪري سگھن. چيف سيڪريٽريءَ وڏي وزير جي ھدايت جي روشنيءَ م صحت کاتي کي چيو آھي تھ سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جون پگھارون ۽ الائونس ڳڻپ ڪيا وڃن ۽ ان جو پنجاب ۽ ٻين صوبن سان گڏ ڀيٽ ڪري تفصيلي رپورٽ ۽ ان جي مالي اثرن سميت پيش ڪيا وڃن تھ جيئن ايندڙ ڪابينا واري اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے