16 ہفتہ , فروری 2019

تيل ۽ گيس ڪمپنين طرفان ڏنل فنڊ استعمال نه ٿيا، عدالت طرفان سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي عدالت آئل اينڊ گئس ڪمپنين طرفان مليل فنڊز استعمال نه ڪرڻ تي سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف سيڪريٽري معذرت ڪندي فنڊز جي استعمال جي خاطري ڪرائي، چيف سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 58 سيڪڙو فنڊ استعمال ٿي چڪا آهن، 2184 ڳوٺن مان رڳو 82 ڳوٺن کي گئس ملي آهي.عدالت ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه ۽ ڊائريڪٽرجنرل پيٽروليم اينڊ ڪنسيشن عدالت ۾ پيش ٿيا، گذريل 4 سالن دوران چيف سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر رهندڙ آفيسرن جي نالن جي لسٽ به پيش ڪئي .ڊي جي پي سي پاران سنڌ کي فراهم ڪيل فنڊز جا تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، رپورٽ موجب گذريل 4 سالن ۾ سنڌ کي 5 ارب کان وڌيڪ جي رقم ڏني وئي، عدالت سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ کي مليل فنڊز استعمال ڇوناهن ڪيا ويا چيف سيڪريٽري سنڌ سرڪار طرفان فنڊز استعمال نه ڪرڻ تي معذرت ڪري ورتي ۽ عدالت کي خاطري ڪرائي ته فنڊز استعمال ڪيا ويندا.ڊي جي آڊٽ سنڌ عدالت ۾ پيش فنڊز جي آڊٽ بابت مهلت طلب ڪري ورتي ۽ موقف اختيار ڪيو ته مان اڄ ئي چارج سنڀالي آهي .آڊٽ لاءِ مهلت گهرجي .چيف سيڪريٽري عدالت ۾ رپورٽ ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ گيس جا 87 ننڍا وڏا ذخيرا موجود آهن، صوبي ۾ گيس فيلڊ جي 5 ڪلو ميٽر واري علائقي ۾ 2184 ڳوٺ آهن، هيل تائين 82 ڳوٺ کي گئس فراهم ڪئي وئي آهي، 2102 ڳوٺن کي اڃاتائين گئس فراهم نه ٿي سگهي آهي .چيف سيڪريٽري سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ سرڪار کي 7 ارب 90 ڪروڙ رپين جا فنڊز مليا آهن، 58 سيڪڙو فنڊ استعمال ٿي چڪا آهن.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے