16 ہفتہ , فروری 2019

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  ڀارتي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ………….. ڏسو هن خبر ۾

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جونيئر سطح تي ڀارتي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جي طرز وارو ماڊل متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ اهڙي پلان تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن تحت جونيئر ليول تي راهول ڊريوڊ ماڊل متعارف ڪرايو ويندو ۽ نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ ماضي جي ڪنهن عظيم رانديگرن کي ڪوچ مقرر ڪيو ويندو. ان ماڊل نوجوان رانديگرن کي ميدان ۾ ڊسيپلن سيکارڻ لاءِ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا، کائڻ پيئڻ ۽ لباس واري معاملي تي قومي اڪيڊمي ۾ خاص ڪلاسن جو بندوبست ڪيو ويندو. گذريل ڪيئي ورهين کان جونيئر ٽيم جي ڪوچنگ مٿي جو سور بڻيل رهي آهي ۽ هر سيريز ۾ نئون ڪوچ هوندو آهي. انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي هيڊڪوچ منطور رانا کي پاڪستان ٽيم جي ڊيلي الائونس ورهائڻ ۽ ميڊيا هينڊلنگ جو ڪم ڏنو ويو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه احسان ماني جو چوڻ آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ٽيم کي مٿي آڻڻ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي آهي، اهو تاثر غلط آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي غيرملڪي ڪوچن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون آهن.  هن چيو ته اسان کي غير ملڪي ڪوچ سان گڏوگڏ ملڪي ڪوچن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت هئي پر بدقسمتي سان اسان اهو ڪم ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جونيئر ڪرڪيٽ ۾ راهول ڊريوڊ جي طرز تي قومي ڪرڪيٽ جي عظيم رانديگرن کي ڪوچ بڻايو ويندو، وڏا رانديگر ڀارتي طرز واري ماڊل تحت جونيئر ٽيمن جي ڪوچنگ ڪن.  احسان ماني موجب رانديگر ملڪ جا سفير هوندا آهن جن کي ڪرڪيٽ کانسواءِ کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي لهجي ۽ ڊريسنگ بابت ڪلاس ڏنا ويندا ته جڏهن اهو رانديگرن پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿئي ته کيس ڪرڪيٽ سان گڏ هر شيءِ کان مڪمل طور تي آگاهه هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے