16 ہفتہ , فروری 2019

رحيم شاهه کي پروٽوڪول ڏنو ويو آهي:راشد محمود سومرو

سجاول(سورج سجاولي وٽان ) جمعيت علماءِ  اسلام  جي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سجاول ۾  تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته جمعيت علماء اسلام ھر وقت ملڪ جي مفاد لاءِ جنگ ڪئي  آھي.۽ ڪندي رھندي ،اپريل ۾ اسلام آباد ۾ تاريخي ڪانفرنس ڪري عمران خان جي حڪومت جو آخري ڏينھن ڪنداسين.هن  چيو ته ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي کي سرعام روڊ جي وچ تي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.جنھن جي جي يو آءِ  پھرين ڏينھن کان مذمت ڪري رھي آھي.قاتل کي پروٽوڪول ڏنو ويو آهي، سندس گرفتاري واري ڳالهه ڊرامو آهي، هن  چيو ته قاتل رحيم شاهه  ايترو بااثر آھي ڇا  جو سڀني  کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي .۽ اعتراف ڪري رھيو آھي مون قتل ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ ڌرتي کان خالد محمود سومرو.شھيد بشير خان قريشي. جھڙا دلير کسيا ويا انھن جي قاتلن جو پتو نه پيو  آھي. اسان قومپرستن پارٽين طرفان 14 فيبروري تي پوري سنڌ ۾ ھڙتال جي حمايت ڪئي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے