16 ہفتہ , فروری 2019

جسقم،جست،سول سوسائٽي وفدن جون اياز لطيف سان ملاقاتون،هڙتال جي حمايت

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي مطالبو ڪيو آهي ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه تي قلم 302 پ پ سي تحت خون جي ايف آءِ آر داخل ڪري رحيم شاهه کي خون جي ڪيس ۾ پوليس رمانڊ ۾ ورتو وڃي ۽ کانئس جاچ ڪري سرزمين تي موجود سندس ٻين ساٿارين جا نالا ۽ ماضي ۾ ڪيل ڏوهن جا تفصيل معلوم ڪري سنڌ جي عوام کي ان کان آگاهه ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي ايس ايس پي اظفر مهيسر، ايس ايس پي پير محمد شاهه، ڊي آئي جي امير شيخ، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه مان اميد ظاهر ڪئي ته هو فورن 302 جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کي يقيني بنائيندا. اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪڏهن خون جي ڪيس بدران ڊيوٽي اٽڪاءُ جو قلم 353 پ پ سي تحت معمولي ڪيس داخل ڪيو ويو يا ڦر ۾ مزاحمت دوران ارشاد رانجهاڻي کي قتل ٿيل ڄاڻايو ويو ته اها قاتل رحيم شاهه کي تحفظ ڏيڻ جي سازش ۽ سنڌ جي عوام سان دوکو هوندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان  حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سنڌ صوفي سنگت جي ليڊر آڪاش ملاح جي اڳواڻي ۾ وفد، ذوالفقار هاليپوٽي جي سربراهي ۾ سول سوسائٽي جي وفد، جي يو آءِ اڳواڻن، انجمن طلباءِ اسلام جي اڳواڻن، جسقم آريسر ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن ملاقاتون ڪيون ۽ خميس 14 فيبروري تي اعلانيل قومي عوامي تحريڪ جي هڙتال جي ڀرپور حمايت ۽ ان ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري  ڪرائي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي 14 فيبروري واري هڙتال جي حمايت ڪرڻ تي جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب صدر اسد الله ڀٽو، جي يو آءِ سنڌ جي سربراهه راشد محمود سومرو، جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ۽ روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ فتاح چنو، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ سربراهه نواز خان زئور، جسقم (آريسر) چيئرمين اسلم خيرپوري، سول سوسائٽي اڳواڻ پنهل ساريو، قانوندان شهاب اوستو، شيرين زئور، ڊاڪٽر قمر واحد، سنڌو نواز گهانگهرو، نثار کوکر، دستگير ڀٽي، ناز سهتو، بار ايسوسيئيشنز، تعليمي ماهرن ۽ واپاري تنظيمن جا ٿورا مڃيا. اياز لطيف پليجي چيو ته 14 فيبروري تي سنڌ جو عوام پنهنجي تاريخي منظم اتحاد، سجاڳي ۽ احتجاج جو ثبوت ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے