20 ہفتہ , اپریل 2019

ڪارساز تي تاريخي ڌرڻي ننڌڻڪائپ جو احساس ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر  )  ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سول سوسائٽي جو  ڪارساز تي ڌرڻو ، سياسي ، سماجي شخصيتن ، ٻارڙن ۽ عورتن سميت هزارين ماڻهن جي شرڪت .  ڪارساز وٽ جاءِ سوڙهي هجڻ ڪري  ڌرڻي جي جاءِ تبديل ڪئي وئي . ڌرڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي اهڪارن جو وڏو تعداد پڻ موجود هو . هزارين ماڻهن جي ڌرڻي باوجود ٽريفڪ جي روانگي جاري رهي .  انهي موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي بلوچ اڳواڻ حبيب جان بلوچ چيو ته مونکي ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو افسوس آهي پر سنڌي ماڻهن جي بيداري تي خوشي ٿي آهي ، ارشاد جي خون سان انصاف ڪيو وڃِي . ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ آصف بالادي چيو  قاتل پوليس جي پهري ۾ گهمي پيو اهو افسوسناڪ آهي ، سنڌ  سرڪار پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي . ارشاد سان انصاف نه ٿيو ته سڀاڻي قانون ۽ انصاف تان ماڻهن جو ارواح کڄي ويندو .  ليکڪ  نور محمد ميمڻ  چيو ته   سڄي سنڌ غم ۽ رنج ۾ ورتل آهي ، سنڌين جو هي پر امن احتجاج ارشاد رانجهاڻي جي قتل جي انصاف تائين جاري رهندو .  قومپرست اڳواڻ نور الدين جمالي چيو  هن واقعي سان انسانيت جو قتل ٿيو آهي ، وڊيو ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته ارشاد کي هڪ گولي ماري وئي پر  پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ پنج کان وڌيڪ گوليون لڳل آهن . اسان جو هي احتجاج جاري رهندو جيسيتائين مقتول سان انصاف نٿو ٿئي . ايس پي ، ڊي سي پي ۽ ايس ايڇ او تي قتل  جو  ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي . فنڪاره شهنيلا علي  چيو ته هن واقعي تي هر اک آلي آهي  هر نياڻي روئي ٿي ، هر ڀاءَ روئي ٿو  اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان کي انصاف گھرجي . قاتل کي سزا ڏني وڃي ته جئين ڪو ٻيو ارشاد ائين قتل نه ٿي سگھي . صحافي زاهد کوکر  چيو  هر اهو ماڻهون جيڪو سمجھي ٿو ته ارشاد جو قتل انسانيت جو قتل آهي اهو احتجاج ۾ شامل آهي . قاتل جي موقف ۾ وڏو تضاد آهي . سنڌي ماڻهن جي اهڙي رد عمل حڪمرانن کي پڻ لوڏي ڇڏيو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسد عمر تحريڪ انصاف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے