20 ہفتہ , اپریل 2019

واقعو ڦر ڪوشش جو آهي، رحيم شاهه ارشاد کي اسپتال کڻي وڃڻ ۾ رڪاوٽ وڌي: جاچ ڪميٽي سربراهه

ڪراچي/ملير (رپورٽ :علي وقار+ جميل چانڊيو) وڏي وزير جي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي مارجي ويل قوم پرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو قرار ڏيندي يوسي چيئرمين رحيم کي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ زخمي ارشاد رانجهاڻي کي بروقت علاج لاءِ  موڪلڻ ۾ مداخلت تي گرفتار ڪري ورتو ، ملير جي ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪميٽي جي سربراھ ڊي آءِ  جي ايسٽ عامر فاروقي ، ايس ايس پي انويسٽيگيشن فرخ ملڪ ، ايس ايس پي اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڀينس ڪالوني واقعي ۾ مارجي ويل قوم پرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي کي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آھي ته انڪوائري ڪميٽي جي جاچ موجب واقعو ڦر جي نتيجي ۾ پيش آيو آھي، هن چيو ته يوسي چيئرمين رحيم شاهه نرسري جي بينڪ مان رقم ڪڍرائي جنهن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ جڏهن ڀينس ڪالوني موڙ تي پهتا ته موٽرسائيڪل سوار ڦورن پسٽل ڏيکاري کانئس ڦر جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي هوائي فائر پڻ ڪيو، جنهن جي جواب ۾ رحيم شاھ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ارشاد رانجهاڻي گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، واقعي واري هنڌ تان مليل ارشاد رانجهاڻي ۽ رحيم شاهه جا پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن، جن کي فرانزڪ رپورٽ لاءِ موڪليو ويو آهي، هن چيو ته واقعي بعد زخمي کي واقعي واري هنڌ تان رحيم شاهه اسپتال لاءِ کڻڻ نه ڏنو جيڪو هڪ جرم آهي ان جرم ۾ رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، قانون موجب زخمي کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪرڻو هوندو آهي، ان بعد ڪميٽي واقعي واري هنڌ جي سوشل ميڊيا تي هليل وڊيوز، ايمبولينس ڊرائيور، عام ماڻهن جي شاهدين ۽ پوليس شاهدين جي جاچ ڪئي آهي، هن چيو ته مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي تي مختلف ٿاڻن تي چار ڪيس داخل آھن جڏھن ته رحيم شاھ تي به ٽي ڪيس داخل آھن، هن چيو ته واقعي واري هنڌ تان زخمي کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير ڪرڻ غفلت آھي ان غفلت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سب انسپيڪٽر رياض کي معطل ڪيو ويو آھي ڊي آءِ جي عامر فاروقي چيو ته جيڪڏهن وارثن کي جاچ ڪميٽي جي ڪنهن به معاملي تي ڪو شڪ آهي ته هو اسان سان رابطو ڪري سگهن ٿا،

a

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسد عمر تحريڪ انصاف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے