16 ہفتہ , فروری 2019

ڊي آءِ جي عامر فاروقي تي اعتماد ناهي،عدالت جو در کڙڪائينداسين: وارث

ملير/گڏاپ/گلشن اقبال (رپورٽ:جميل چانڊيو/ممتاز شيخ/شفقت نوناري)  ڀينس ڪالوني واقعي ۾ مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي جي وارثن ڀاءُ خالد رانجهاڻي، سئوٽ اڪرم رانجهاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي قائم مقام صدر عبدالفتاح چنا ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊي آءِ جي ايسٽ جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل جاچ ڪميٽي تي اسانکي اعتماد نه آهي، پوليس اسانجي ڀاءُ جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي پهرين ڏينهن تي بنا جاچ جي ارشاد رانجهاڻي کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ هينئر به ساڳي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اسين سمجهو ٿا ته پوليس بااثر يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي بچائڻ لاءِ سندس مٿان ڪک رکي رهي آهي، هنن چيو ته پوليس پاران رحيم شاهه کي حراست ۾ وٺڻ ڊرامو آهي، پوليس صحيح نموني جاچ ڪرڻ بدران يوسي چيئرمين جي بيان کي سامهون رکندي کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، هنن چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي بيگناهه سرعام قتل ڪيو ويو آهي، ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، پوليس جي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، اسانکي عدالت مان انصاف جي اميد آهي، هنن چيو ته اسان جا ان معاملي تي قانوني ماهرن سان مشوره هلندڙ آهن، پوليس مان اسانکي انصاف نه مليو ته عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين، ڪنهن به صورت ۾ ارشاد رانجهاڻي جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے