16 ہفتہ , فروری 2019

ارشاد واقعي لوڏي ڇڏيو، ضرورت پئي ته پوليس تي به  ڪيس داخل ڪرائيندس:وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پوليس ۾ سڌارن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، ارشاد رانجهاڻي جي واقعي مون کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، پوليس مجرماڻي غلفت ڪرڻ سان گڏ واقعي ۾ملوث آهي، جيڪڏهن ڪيس داخل نه ڪيو ويو  ۽ ضرورت پئي ته آئون پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس، اهڙو اظهار هن ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد جي ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي بابت پوائنٽ آف آرڊر تي جواب ڏيندي ڪيو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليس کي جاچ لاءِ چئون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته پوليس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، وڌيڪ ڳالهائيندس ته توهين عدالت جي زمري ۾اچي ويندو، هن چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي واقعي جو 24 ڪلاڪن ۾ نتيجو نه آيو ته پوءِ جڊيشل انڪوائري لاءِ لکيو، قتل ٿيو آهي، پوليس ان ۾ ملوث آهي، آئون چوندس ته انسانيت ئي مري وئي آهي، هن چيو ته ماڻهو ڀلي چور هجي پر ان کي 5 گوليون لڳيون، تڙپندو رهيو، پر ڪنهن کي نظر نه آيو، پوليس ٻڌايوته هو ڦورو هو، پر وڊيو ۾ صاف ظاهر آهي ته قاتل بندوق کڻي گاريون پيو ڏئي، ان 5 گوليون به هنيون، وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جو واقعو 4 لڳي 45 منٽن تي ٿيو، ايمبولينس 5 وڳي آئي، پوليس 5 لڳي 5 منٽن تي پهتي، جيڪا زخمي کي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي ۽ ساڍي 5 وڳي ٿاڻي کان اسپتال ڏانهن کنيو، کيس 6 لڳي 37 منٽن تي اسپتال پهچايو ويو، اها پوليس جي مجرماڻي غفلت آهي، ان غفلت ۾ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ايف آءِ آر داخل آهي ته پوءِ ڇا ڪنهن کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته اهو جنهن تي ڪيس آهي ان کي ڀلي گوليون هڻي، هن چيوته سنڌ ۾ پوليس آزاد آهي، پر پوليس ۾ انسانيت نه رهي آهي، الله جو خوف ختم ٿي ويو آهي، سڀ پوليس وارا به خراب نه آهن، مون آءِ جي پوليس کي سخت حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، وڏي وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ آءِ جي کي هٽايو وڃي ٿو، پنجاب ۾ مهيني ۾ ٻه آءِ جي تبديل ٿي وڃن ٿا، اتي ڪا ڳالهه نه آهي، سنڌ لاءِ الڳ قانون آهي، سنڌ اسيمبلي جي قانون کي ختم ڪري پوليس آفيسرن جي بدلين ۾ عدالتي حوالو ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته پوليس آفيسرن جو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو، هن چيوته سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪيو ته زخمي کي ٿاڻي بدران خانگي يا سرڪاري اسپتال پهچايو ويندو، پوليس قانون جو تحفظ ڪرڻ بدران مجرماني غفلت ڪري رهي آهي، وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر وارن کي هتي هجڻ گهرجي ها، ٻڌم ته هڪ ميمبر گوڙ ڪيو ۽ پوءِ مخالف ڌر وارا احتجاج ڪري هليا ويا،  وڏي وزير وزيراعظم عمران خان کي ميثاق جمهوريت عمل ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته عمران خان اچي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سان ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪري ته پوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،. ان کان اڳ  پوائنٽ آف آرڊرتي ڳالهائيندي ايم ايم اي جي  عبدالرشيد  چيو ته ارشاد رانجهاڻي ڪجهه به هو ،  هڪ انسان کي 5 گوليون هنيون ويون، هو زندگي جي خيرات  گهري رهيو هو، مون وڊيو ۾ قاتل ۽ زخمي کي به ڏٺو، بي حسي جو معاملو آهي، ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته زخمي کي کڻي اسپتال پهچائي، جنگ جا به اصول آهن پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي به ڳالهائيندي  چيو ته افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي، پوليس جو ڪردار سٺو نه آهي، وڏو وزير ايڪشن وٺي، جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي،

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ارشاد رانجهاڻي واري مامري ۾ آءِ جي سنڌ  کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پوليس جي غير ذميوار رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي هن خط ۾ لکيو آهي ته اهڙن واقعن سان عوام جو رياست تان ڀروسو ٽٽي وڃي ٿو. پوليس جي وقت تي نه پهچڻ ۽ کيس طبي امداد نه ڏيڻ تي ارشاد رانجهاڻي مري ويو. وڏي وزير خط ۾ لکيو آهي ته 6 فيبروري تي رحيم شاه ارشاد رانجهاڻي کي سرعام قتل ڪيو جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ غير انساني رويو واضح نظر اچي رهيو آهي هن خط ۾ لکيو آحي ته رحيم شاه پاڻ پاڻ ئي جج بڻجي حڪومت کي به چيلنج ڪيو آهي جڏهن ته هن زخمي کي اسپتال وڃڻ جي به اجازت نه ڏني . مراد علي شاهه لکيو آهي ته رحيم شاه جي دعويٰ ٺيڪ هجي ته به قانون ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو لائسنس نٿو ڏئي اهو فيصلو عدالتون ڪري سگهن ٿيون. سنڌ پوليس سمورن انتظامي مامرن ۾ با اختيار آهي ان واقعي سان ظاهر ٿيو آهي ته پوليس کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ گهرجي.واقعي سان لساني وڇوٽيون وڌائڻ جو موقعو مليو، وڏي وزير پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته عوام پوليس جي ڪارڪردگي ۽ هن واقعي تي سوال ڪري اٿاريا آهن مان سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان ان مامري جو تماشو نٿو ڏسي سگهان. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي معاملي جي جاچ جلدئي پوري ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن کان جواب وٺي 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.هوڏانهن وڏي وزير ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جاچ خراب ڪرڻ تي ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ کي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،وڏي وزير قتل بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهارڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے