19 جمعہ , اپریل 2019

سنڌ جي عام ماڻهو ارشاد جي قاتل کي جيل جي هوا کارائي ڇڏي

ڪراچي/گلشن اقبال( رپورٽ : رزاق عاصي+ اسد ممتاز+شفقت نوناري )ارشاد رانجهاڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاج کي سنڌ جي شعور اجتماعي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو .قاتل رحيم شاهه گرفتار، قتل ۽ دهشتگردي جوڪيس داخل،ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي هزارين ماڻهن شاهراھ فيصل تي ڌرڻو هنيو.انصاف ڏيو انصاف ڏيو جي نعرن جي گونج، ان موقعي خطاب ڪندي ڊاڪٽر دودي مهيري خطاب ڪندي چيو ته ارشاد رانجهاڻي جو قتل انسانيت جو قتل آهي.ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسين ڪنهن صورت ان قاتل. رهزن کي معاف نه ڪنداسين. جنهن ڌرتي ڌڻي کي بيدردي سان قتل ڪري تڙپايو آهي. ڊي آئي جي عامر فاروقي رحيم شاهه جي زبان ڳالهائي پيو جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته قوم جي ٻچن کي سرعام دھشگردي ماريو ٿو وڃي اسين ڪنهن به صورت برداشت ڪو نه ڪنداسين پنهنجي ڌرتي تي اسان کي ڌاڙيل ڄاڻائي ماريو وڃي.جست اڳواڻ  فتاح چني چيو ته ارشاد جي قتل تي سنڌ جي جيڪا موٽ ڏني هو هڪ شهيد جي قتل جو پلاند آهي. اسين سنڌ سرڪار جي رويي مان اڃان به مطمئن ناهيون. ڌرڻي کي سينئر صحافي مشتاق سرڪي خطاب ڪندي چيو ته اسين ڪنهن به قوم خلاف ناهيون، هي ڌرڻو هڪ دھشت ۽ وحشت خلاف آھيون.جسقم آريسر جي وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور چيو ته ارشاد جو قتل  وحشياڻو عمل   آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ڌرڻي کي الاهي بخش بڪڪ،اعجاز سامٽيو،  نواز خان زنئور ، سوڀ قمر ڀٽي ، مظهر راهوجو ، عاجزجمالي ، سورٺ لوهار،ماهين هيسباڻي،شوڪت زرداري،بيدل مسرور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو . جڏهن ته  پ جا صوبائي وزير ناصر شاھ ۽ سعيد غني ڌرڻي واري هنڌ پهتا. ناصر شاھ چيو ته اسين پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي شاھ لطيف ٿاڻو تي به غفلت جي ايف آءِآر ڪرائينداسين. هنن کي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي مراد علي شاھ جي خاص هدايتن پهتا آهيون. ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف ٿيندو. پوليس جي غفلت ۽ قاتل رحيم شاھ کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو. وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪرائنداسين. بعد ۾ سول سوسائٽي ۽ شهيد ارشاد رانجهاڻي جا ڀاءُ منور رانجهاڻي شاھ لطيف ٿاڻي تي پهتا. ڌرڻي آڏو سوين ماڻهن فتاح چني. مسعود شاھ. عرفانه ملاح. امر سنڌو. ڊاڪٽر بختاور ڄام. سنڌو امان چانڊيو. صنعان قريشي ،امان چانڊيو. عرفان عالماڻي. صنعان قريشي. ڊاڪٽرقادر مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته  يوسي چيئرمين هٿان مارجي ويل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس جوابدار يوسي ڪيٽيل فارم جي چيئرمين رحيم پٺاڻ خلاف مقتول جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءَ آر ۾ قتل ڪرڻ، زخمي کي اسپتال منتقل ڪرڻ کان روڪڻ جا قلم لڳايا ويا آهن، شاهه لطيف ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر نمبر105/2019 ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت گناهه نمبر 302،322،324،34 پي پي سي 780 اي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن .

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر  ( نمائندن وٽان ) ڪراچي ۾ ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جو  قتل ڪيس داخل ڪرڻ ۽  ملوث جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا  ويا، جڏهن ته وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍيون. جيڪب آباد ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۽ جوابدار چيئرمين رحيم شاهه کي سزا ڏيارڻ لاءِ ايس ٽي پي ۽ بار ايسوسيئيشن عبدالرزاق لاشاري،  عبدالغني مگسي ۽ ايم سومري جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڌار ڌار ريليون ڪڍيون. سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بار ايسوسئيشن جي سڏ تي وڪيلن وڪيل ذوالفقار مگسي، شبير بوزدار ۽ فرزانا کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون. نوابشاهه جسقم،  پي ٽي آءِ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، نوشاد باغي ۽ فنڪار غلام نبي ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. نوشهروفيروز ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، جسقم ڪارڪنن ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف اسد عمراڻي ۽ منير وسطڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو جنهن ۾ ايس يو پي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. بار ايسوسئيشن  ضلعي صدر عبدلرحيم عباسي، جنرل اسيڪريٽري امتياز حسين ميمڻ  ۽ شير محمد اڄڻ جي اڳواڻي ۾ بار آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو، ٻئي پاسي شهر جي مختلف سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن  ڪامران علي ٽڳڙ، عمير ميمڻ ۽ واجد جاني تڳر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.خيرپور ۾ به ڪراچي ۾ قتل ٿيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ مهراڻ يوٿ آرگنائيزشن شاهزيب الرحمان، ظفر بلوچ ۽ اڪبر ابڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.ڄامشوري ۾ به ارشاد رانجهاڻي جي قتل تي ڪاوڙ جي لهر ڇانيل رهي، نوجوان سنگت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪارڪنن ساگر حنيف بڙدي، عبدالرحيم جمالي ۽ ياسين برهماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي  ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻا هنيا. مٺي ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، ڪلوئي، چيلهار ۽ ڏانو ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  ٿر باشعور فورم جي آڪاش مهيراڻي، الماس نهڙيو، ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي، پي ٽي آءِ جي فقير ارشاد ڪنڀار، قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز هنڱورجو، عوامي جمهوري پارٽي جي سومار راهمون، راڳي استاد رجب ۽ سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا جنهنڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. قمبر ۾  جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن ظهور احمد تنئي ۽ صدام حسين چانڊئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، قمبر يوٿ فورم جي ڪارڪنن ڪامريڊ  اياز ٻرڙي ۽ بخت جاني جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي. ٻئي پاسي بار ايسوسيئيشن ارشاد رانجهاڻي ۽ رمشا وساڻ جي قتل خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري نائب صدر نوشاد احمد ٽڳڙ، جنرل سيڪريٽري ظفر الله سومري، هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري رفيق احمد ابڙي ۽ عاشق علي ڪلهوڙي، قائد عوام يونيورسٽي جي ڪئمپس لاڙڪاڻي جي شاگردن،  جست اڳواڻ اظهر سومري، جميل گاد ۽ عزيز الرحمٰن شيخ، اخبار فروش يونين جي رياض سومري، فيض ڇڄڙي ۽ مهراڻ بروهي  جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري جوابدار رحيم شاهه کي سخت سزا جو مطالبو ڪيو. سجاول ۾ بار جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري لياقت جماري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي ڪارڪنن ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ممتاز ڳورڙ ۽ عاشق ٻگهئي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي.ڪنڌڪوٽ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن شاهنواز مرهٽي، والي ڏني سنڌي ۽ اشفاق مري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.بدين ۾ بار ايسوسئيشن جي صدر فياض ابڙي ۽ نور محمد سومري جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.ٺٽي ۾ وڪيل برادري ڪراچي ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سن ۾ ايس يو پي ڪارڪنن عنايت الله شاهاڻي ۽ محمد امين کوسي،  خاڻوٺ نوجوان اتحاد پاران علي صابت عمراڻي، مانجهند ۾ ميمڻ پاڙي جي پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگڙدياڻين ذيشان ۽ فرحان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي  مظاهراڪيا. ڌاٻيجي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ٻئي ڏهاڙي به ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. نصير آباد ۾ به سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ سياسي پارٽين جا ڪارڪن سراپا احتجاج رهيا، سول سوسائيٽي پاران عنايت تنئي، رياض ڦلپوٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمن شاهه جي درگاهه کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.قاضي احمد ۾ ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو سميت ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن مهر ڊٻائي، ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ علي رضا خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. مانجهند ۾ ايس يو پي سميت ٻين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن انور مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.فيض گنج ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن خادم حسين شر، حاجي مڱڻهار ۽ منصور کنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. ڀنگوبهڻ ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف جسقم ۽  سول سوسائيٽي جي ڪارڪنن ڪامريڊ حاجي خادم شر  ۽ مصدق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي رحيم شاهه کي سخت سزا جو مطالبو ڪيو.ڄام صاحب ۾ جسقم جي ڪارڪنن شاهد ڏاهري، حيدر سنڌي ۽ معشوق ڏاهري. ميروخان ۾ صوبدار جتوئي ۽ رضوان تنئي،  جهول ۾ قلم ڌڻين خان محمد خاصخيلي ۽ غلام  نبي ملوڪاڻي، جاتي ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن نظير لغاري ۽ محمد اشرف، خانپور ۾ سول سوسائيٽي پريل ابڙي ۽ سلطان قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. پني عاقل، رتيديري، مورو، اڳڙا، ٺاروشاهه، ڪنڊيارو، ميرپورساڪرو، ڳڙهي خيرو، کرڙاهه، ڳيريلي، کوکراپار، تنگواڻي، سجاول جوڻيجي، نيوسعيد آباد، ٽنڊي مستي، پٿورو، ميهڙ، سڪرنڊ، غوثپور، مبارڪپور، ڀان سيد آباد، ميرپور بٺورو، لکي غلام شاهه، خانواهڻ، ميان صاحب ۽ وڳڻ شهر سميت مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري، ادبي  تنظيمن ۽ سول سوسائٽي ڪراچي ۾ قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي جوابدار رحيم شاهه کي ڦاهي چاڙهڻ جو مطالبو ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي پوليس قاتل سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

واشنگٽن(م ڊ) مشهور آمريڪي رسالي وزير اعظم عمران خان کي 2019ع جي 100 با اثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے