16 ہفتہ , فروری 2019

معدي جا بيڪٽريا دوائن جا منفي اثر وڌائي سگهن ٿا: ماهر ………..

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اسان کي خبر آهي ته هڪ ئي دوا ڪافي ماڻهن کي فائدو ڏيندي آهي پر ڪجهه ماڻهن ۾ شديد ضمني اثرن جو سبب بڻبيون آهن. ماهرن موجب ان جو سبب انهن ماڻهن جي معدي ۾ موجود بيڪٽيريا ٿي سگھن ٿا. سائنس نالي رسالي جي هڪ رپورٽ ۾ ييل يونيورسٽي جي ماهرن لکيو آهي ته ٽئي دوائون اهڙيون آهن جيڪي معدي ۾ موجود خاص بيڪٽيريا جي صورت ۾ انتهائي هاڃيڪار اثر وجهندا آهن. يونيورسٽي جي پروفيسر اينڊريو گڊمين چوي ٿو. ته جيڪڏهن اسان کي خبر پوي ته معدي ۾ موجود هزارين لکين قسمن جا بيڪٽيريا دوائن جي صورت ۾ ڪنهن طرح جو ورتاءُ ڪندا آهن ته اسان ڪيترن ئي مريضن کي پريشاني ۽ وڌيڪ خطرناڪ سائيڊ افيڪٽس کان بچائي سگھون ٿا.ان ڪري ماهرن هڪ اينٽي وائرل دوا ڪوئن تي آزمائي ته خبر پئي ته معدي ۾ موجود ڪجهه بيڪٽيريا کي ٿورو تبديل ڪيو ويو ۽ پوءِ ان دوا جي ضمني اثرن کي نوٽ ڪيو ويو. ان ڪري ماهرن معدي جي بيڪٽيريا ۽ دوائن جي ضمني اثرن جي اڳڪٿي ڪرڻ وارو هڪ رياضياتي ماڊل تيار ڪيو جنهن ٽن دوائن جي ضمني اثرن جي درست اڳڪٿي ڪئي انهن مان هڪ دوا ڪلونازيپام به شامل آهي. ماهرن جو اندازو آهي ته ڪنهن دوا جي خطرناڪ ري ايڪشن ۾ معدي جي جيوڙن جو ڪردار 20 کان 80 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو. اسان ان تحقيق کان اڳ ته اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪجهه دوائون ڇو ابتڙ اثر ڪنديون آهن ۽ ان کان پوءِ کي اثرائتو ۽ بي ضرر بڻائڻ ۾ به مدد ملي سگھندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دٻي ۾ پيڪ کاڌو صحت هاڃيڪار يا فائديمند…. ماهرن آگاهه ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) اسان مان گھڻا ماڻهو بازار مان دٻي ۾ بند ٿيل شيون خريد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے