16 ہفتہ , فروری 2019

سام سنگ جي وهپيدارن لاءِ خوشخبري، ڪمپني وڏو اعلان ڪري ڇڏيو…………

سئول ( ويب ڊيسڪ ) سام سنگ انتظاميا پنهنجي پهرين فولڊ ايبل فون جي حقيقي ڊيزائن جي پهرين جهلڪ ايندڙ هفتي جاري ڪري رهي آهي. ڏکڻ ڪورين ڪمپني ان حوالي سان هڪ ٽيزر ويڊيو ريليز ڪيو جنهن ۾ 20 فيبروري تي ”فيچر ان فولڊز“  لفظ سان فولڊنگ ايبل فون جي جهلڪ پيش ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. ان ويڊيو ۾ ڊيوائس جو ڊيزائن هڪ ڪتاب جهڙو لڳي رهيو هو. سام سنگ گذريل سال نومبر ۾ پنهنجي فولڊنگ فون جو پروٽوٽائپ ڊيزائن پيش ڪيو هو جيڪو ڪافي متاثر ڪندڙ هيو پر ان کي اوندهه ۾ رکيو ويو هو جنهن سان مڪمل ڊيزائن سامهون نه اچي سگھي جڏهن ته فيچرن جا تفصيل ٻڌائڻ کان به پاسو ڪيو ويو. اهو به واضح ناهي ته 20 فيبروري تي فون کي باظابطا طور تي متعارف ڪرايو ويندو يا ان بابت وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا ويندا. ياد رهي ته 20 فيبروري تي سام سنگ جي نئين فليگ شپ فون گليڪسي ايس 10 سيريز جي 3 يا چار فون متعارف ڪرايا ويندا ۽ ان موقعي تي فولڊ ايبل فون جي پهرين جهلڪ به جاري ڪئي ويندي. سام سنگ پهريان ئي پنهنجي فولڊنگ ايبل فون کي مستقبل جو موبائيل قرار ڏئي چڪي آهي جيڪو کلڻ تي ٽيبليٽ جي شڪل جڏهن ته بند ٿيڻ تي فون جي شڪل اختيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جيڪڏهن ايندڙ هفتي سام سنگ ان کي باقاعده متعارف ڪرائي ٿي ته اهو ان ڪمپني جو پهريون فولڊنگ ايبل فون هوندو جيڪو واهپيدار خريد به ڪري سگھندا. ان جي قيمت جو وقت تائين اندازو لڳائڻ ته ممڪن ناهي پر مختلف ليڪس موجب اهو گھٽ ۾ گھٽ 1700 ڊالرن کان وڌيڪ هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب جي عورتن جي چوڪيداري ڪرڻ واري موبائل ايپ………….

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هڪ تڪراري ايپ استعمال ڪئي پئي وڃي جنهن ذريعي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے