19 جمعہ , اپریل 2019

فلم سيريز باغي جي ٽئين حصي ۾ هڪ ڀيرو وري شرڌا ڪپور جي واپسي……….

Shraddha Kapoor Joins The Cast Of Tiger Shroff's Baaghi 3. Details Hereممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي باصلاحيت اداڪارا شرڌا ڪپور هڪ ڀيرو وري اداڪار ٽائيگر شروف سان باغي فلم سيريز جي جي ٽئين حصي ۾ رومانس ڪندي نظر ايندي. باغي فلم جا پروڊيوسر سيريز جي ٽئين حصي تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ ڀيرو واري ٽائيگر شروف ئي مک ڪردار ادا نڀائيندي نظر ايندو ۽ فلم ۾ شرڌا ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شرڌا ڪپور ان فلم سيريز جي پهرين حصي ۾ به ٽائيگر شروف سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي،  جنهن باڪس آفيس شاندار بزنس ڪيو هو. پر فلم سيريز جي ٻئي حصي باغي 2 ۾ ٽائيگر شروف سان مک ڪردار نڀائڻ لاءِ اداڪارا ديشا پٽاني جي چونڊ ڪئي وئي هئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب باغي جي ٽئين حصي ۾ ڪاسٽ ٿيڻ تي شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته مان تمام گھڻي پرجوش آهيان، اها فلم پهرين ٻن فلمن کان وڌيڪ بهترين هوندي، پهرين فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو به سٺو رهيو هو، جڏهن ايندڙ حصي جو اسڪرپٽ به متاثر ڪندڙ آهي. فلم جي پروڊيوسر ساجد ناڊيا والا شرڌا ڪپور جو فلم ۾ حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته فلم باغي جي سموري ٽيم شرڌا ڪپور جي واپسي تي تمام گهڻو خوش آهي، ٽائيگر ۽ شرڌا جي جوڙي کي باغي جي پهرين حصي ۾ پرستارن تمام گهڻو پسند ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم”ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي رليز خلاف درخواست جي جلد ٻڌڻي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ فلم ”ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي نمائش روڪڻ جي درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے