20 ہفتہ , اپریل 2019

مان اوهان کان بدلو وٺندس، شاهه رخ خان جي امتياب بچن کي ڌمڪي……….

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي  بادشاهه شاهه رخ خان طرفان انڊسٽري جي شهنشاهه اميتاڀ بچن کي ڪيل هڪ ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪنگ خان اميتاڀ بچن کي چئي رهيو آهي ته آءٌ اوهان کان بدلو وٺڻ لاءِ اچي رهيون آهيان. بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪئي ته ” سر مان اوهان کان بدلو وٺڻ لاءِ اچي رهيون آهيان انڪري اوهان تيار رهو“ شاهه رخ خان جي ان ٽوئيٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدار حيران ۽ پريشان آهن ته آخرڪار ٻنهي اداڪارن وچ ۾ اهڙو ڇا ٿيو آهي جو ڪنگ خان امتياڀ بچن کان بدلو وٺڻ چاهي ٿو، پر بگ بي شاهه رخ خان کي جواب ڏيندي چيو ته ” اڙي ادا شاهه رخ خان بدلي وٺڻ وارا ڏينهن ته گذري ويا هاڻي ته سڀني کي حساب ڏيڻو آهي. حقيقت ۾ ڪنگ خان ۽ اميتاڀ بچن وچ ۾ ٽوئيٽر تي جاري اها دلچسپ ويڙهه ڪنهن پراڻي جنگ جو حصو نه پر اميتاڀ بچن جي ايندڙ فلم ” بدلا “ جي مشهوري مهم جو هڪ حصو آهي. فلم بدلا ۾ اميتاڀ بچن ۽ تاپسي پنو مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن فلم کي شاهه رخ خان ۽ سندس گهرواري گوري خان پروڊيوس ڪيو آهي. جنهنڪري ٻئي اسٽار سوشل ميڊيا تي فلم جي انوکي انداز ۾ مشهوري مهم هلائي رهيا آهن. واضح رهي ته

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے