20 ہفتہ , اپریل 2019

لِنڪڊ اِن اتنظاميا طرفان ڪاروباري گڏجاڻين لاءِ لائيو ويڊيو اسٽريمنگ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪاروبار ۽ روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪندڙ مشهور پروفيشنل ايپ لنڪڊ اِن ۾ اهم ڪاروباري گڏجاڻين لاءِ  نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ ٽيڪ ڪرنچ جي هڪ رپورٽ موجب لنڪڊ اِن اتنظاميا تمام جلد لائيو فيچر متعارف ڪرائي آهي، ان ڏس ۾  لائيو ويڊيو اسٽريمنگ فيچر آزمائشي مرحلن ۾ آهي، جيڪو هلندڙ هفتي متعارف ڪرايو ويندو. لائيو ويڊيو فيچر جي مدد سان ڪاروباري ماڻهو اهم ڪانفرنسون، پروڊڪٽ لانچ ۽ ڪنهن به حوالي سان سوالن ۽ جواب جي سيشن کي لائيو شيئر ڪري سگهن ٿا ته جيئن جيڪڏهن هو ڪنهن مصروفيتن سبب شرڪت نه ڪري سگهن ته آئن لائن ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.  ان فيچر جي مدد سان ڪمپني جون تقريبون به شيئر ڪري سگهجن ٿيون ته جيئن واهپيدارن کي ڪمپني بابت معلومات ملي سگهي جڏهن ته ڪمپني به فوري طور تي بيرروزگارن جي چونڊ ڪري سگهي ٿي. لنڪڊ اِن جو لائيو ويڊيو فيچر، فيسبڪ ۽ انسٽاگرام لائيو فيچرن جيان ئي مددگار ثابت ٿيندو. اهو فيچر في الحال آمريڪا ۾ متعارف ڪيو ويندو پر ڪجهه عرصي بعد ڪمپني اهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ جاري ڪري ڇڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے