16 ہفتہ , فروری 2019

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دوري جون تياريون تيز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي آجيان جون تياريون جاري آهن، سندس دوري دوران 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي.  پاڪستان جي تاريخي دوري تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي آجيان جون تياريون جاري آهن.  وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا سميت سعودي ولي عهد جي آجيان ڪندو. سعودي ولي عهد ۽ شاهي مهمانن لاءِ ترسڻ ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. شاهي مهمانن کي وزيراعظم هائوس سميت ايوان صدر ۾ ترسائڻ جو امڪان آهي. محمد بن سلمان سان گڏ ايندڙ مهمانن لاءِ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ڪمرا بڪ ٿيندا. اسلام آباد ۾ سڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي ولي عهد جي ذاتي سڪيورٽي ٽيم اڄ انتظامن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ پي ايم آفيس امڪاني معاهدن جي تيارين ۾ مصروف آهن. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري ۾ آئل رفائنري سميت 20 ار ڊالر جي ٺاهن جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے