16 ہفتہ , فروری 2019

افغان طالبان آمريڪا سان ڳالهين لاءِ 14 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو……………

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان طالبان آمريڪا سان ڳالهين لاءِ 14 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته  طالبان آمريڪا سان ڳالهين لاءِ ٽيم ۾ ضياءَ الرحمان، مولوي عبدالسلام حنفي، شيخ شهاب الدين ۽ ٻيا شامل هوندا جڏهن ته شير محمد عباس کي ٽيم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.  افغان طالبان جي ترجمان موجب ملا برادر امير هيبت الله آخونزادا جي سان صلاح مشوري بعد ٽيم جوڙي آهي ۽ آمريڪا سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو. ذبيح الله مجاهد چيو ته آمريڪا سان ڳالهيون درست رخ ڏانهن وڃي رهيون آهن ۽ 25 جنوري تي قطر ۾ امن ڳالهين جي شروعات ٿيندي. افغان طالبان جي 14 رڪني ٽيم ۾ وفد جي سربراهه شير محمد عباس، مولوي ضياءَ الرحمان مدني، مولوي عبدالسلام حنفي، شيخ شهاب الدين دلاور، ملا عبدالطيف منصور، ملا عبدالمنان قمري، مولوي عامر خان، ملا محمد فضل مظلوم، ملا خير الله، مولوي مطيع الله، ملا محمد انس حقاني، ملا نور الله، مولوي محمد نبي عمري ۽ ملا عبدالحق شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے